اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ڀار?? طرفان منظور ڪيل سٽيزن شپ ترميمي بل 2019ع کي تڪراري قانون قرار ڏيندي ان جي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته ان قانون کي بي جي پي جي هندو انتهاپسندي جو نظريو، انساني حقن جي عالمي قانونن ۽ ٻه طرفي تعاون جي خلاف ورزي قرار ڏيندي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن ??ان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ا??و ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اهو قانون واپ?? وٺي.