اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قيمتن تي موثر ڪنٽرول جي لاءِ سمورن انتظامي قدمن ک?? يقيني بڻايو وڃي، پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان هر هفتي اجلاس جي صدارت پاڻ ??ندس، ملڪي ضرورتن جي ڏس ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستقبل جي منصوبابندي جي حوالي سان هڪ ٺوس نظام جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان صوبائي ح??ومتن پاران کنيل قدمن تي اع??يٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.