اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنع??ن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪوم??ن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي مم??ن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳ??رائي جو جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.