اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي شيطاني ۽ هڪ طرفن قدمن علائقائي ۽ عالمي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي?? ڀارتي فوج پاران مظلوم ڪشميرين جي ب??يادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سڄي دنيا جون انساني حقن جون تنظيمون ڳڻتي ۾ ورتل آهن ۽ اها صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، عالمي برادري ڀارتي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي. هن اها ڳالهه برطانيا جي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ??ئي.