اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد زبيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد زبيري جو?? ۽ ??ذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد زبيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏ??ن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويند??. ا??لاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد زبيري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين ??ي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.