اسلام آباد – 10 – ج??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏ??ندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون، پ??ڪس??ان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پ??ڪس??اني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پ??ڪس??ان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.