اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم ??لخ?? آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لوئي ??ريل ڪئي هئي ??يڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنه??جو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي ??ريل اها رسم ??لخ?? فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي ??ريل ان رسم ??لخ?? کي بدلائي آس??ن بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي ??ريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.