اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف ع??ي زرداري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت آصف ع??ي زرداري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ف??ح تي سڄي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ٽيم ون ڊي سيريز دوران بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سيريز ۾ مخالف ٽيم کي ڪلين سوئيپ ڪيو. هن ان ا??يد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به قومي ٽيم اهڙين ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي. صدر مملڪت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.