اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ?? اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر ب??ائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر ب??ائڻ جي هدايت ڪئي ?? چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ?? انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ?? انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفار??خا??و ٻيڙي حادثي جي حوالي سان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي سان معلومات ۽ م??د جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفار??خا??ي سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي وڌيڪ بهتر ب??ائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.