اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوا?? واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ??نهي ملڪن ??چ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مث??لي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته ??ڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن ??چ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.