اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 ان??يڪ?? هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 ان??يڪ?? 813.52 پوائنٽس جي واڌ بعد 100082.77 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي ??عتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي ??سلسل ۽ معيشت جي ??هتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ??رورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي ??يئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي ??يئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي ??يئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 ان??يڪ?? 160.90 پوائنٽس جي ??ضافي بعد 31193.28 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات جي ??يم آءِ 30 ان??يڪ?? 2437.74 پوائنٽس جي ??ضافي کانپوءِ 147220.79 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي ??عتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.