راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سيڪيور??ي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي جي دشمنن کي نه ڇڏيندي، پاڪ فوج دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير 19 نومبر جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي فالو اپ ۾ پشاور جو دورو ڪيو جتي کيس ??وج??ده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف کي خطي ۾ جاري دهشتگردي آپريشنز جي اڳڀرائي تي جامع بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير به ??وج??د هو. آرمي چي?? شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوجين جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پختي عزم کي ساراهيو. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اهي قربانيون ??وم?? عزم جو بنياد آهن، اهي قربانيون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پختي جذبي ۽ لگن کي همٿائن ٿيون. هن دشمن دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ??وم?? سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ غير قانوني ڌرين کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايو.