اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ خوارج خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڪامياب ڪارروائي ۾ 6 خوارج کي جهنم ڀيڙي ۽ 6 کي ز??مي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر مملڪت سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي جهارت جي ساراهه ڪئي. هن د??شت??ردي جي مڪمل خا??مي جي قومي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز د??شت??رد عنصرن جي خا??مي لاءِ ڪارروائيون جاري رکندي.