اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم 26 آڪٽوبر تي ايران تي اس??ائ??ل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي پرڏيهي وزير جي طور تي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي ايندڙ عراقچي جي آجيان ڪندي وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ايران سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ??ه وزيراعظم اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائ?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خطي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد رياست حاصل ڪر?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم فلسطيني عوام جي خلاف اس??ائ??ل جي جاري نسل ڪشيءَ مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم غزه م فوري جنگبندي جي ضرورت، بنا روڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ سڀ کان وڌيڪ فلسطيني عوام کي خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جنهن جي انهن کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي ضمانت ڏني وئي آهي، جي فراهمي تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم 26 آڪٽوبر 2024ع تي ايران تي اس??ائ??ل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم جا ٿورا ??ڃيا ۽ کيس خطي جي صورتحال جي حوالي سان ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو.