اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شاهه سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ ??يل??ف سينٽر (ڪي ايس ??يل??ف) پاران شروع ڪيل اهم نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن جي سلسلي ۾ منعقد صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اهو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي. تقريب ۾ ڪي ايس ??يل??ف جي هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ شرڪت ??ئي جنهن جي قيادت پاڪستان جي دوري تي آيل موجود آپريشنز اينڊ پروگرامز بابت اسسٽنٽ سپروائيزر جنرل انجنيئر احمد علي عبدالله البائز ڪئي. پنهنجي شروعاتي جملن ۾ نائب وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظ?? انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد پهچائڻ ۾ ڪي ايس ??يل??ف جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان ۾ تازي قدرتي آفتن بشمول ٻوڏ ۽ زلزلي ۾ شاهه سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ ??يل??ف سينٽر جي ڀرپور ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي نوان قدم اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائش جهڙي ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ بحالي تي ڌيان ڇڪرائيندا. نائب وزيراعظم چيو ته شاهه سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ ??يل??ف سينٽر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون گذريل سالن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪي ايس ??يل??ف انساني همدرديءَ جي تنظيم صحت جي سارسنڀال، خوراڪ جي امداد ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته تعاون جو هي نئون مرحلو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ اهو ته تعاون جو هي نئون مرحلو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ضرورتمندن کي وقت سر ۽ موثر مدد ملي.