اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀ??ئر?? سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪ??و ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلام?? جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلام?? جي وفد جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ موجوده سياسي پارٽين جو غزه ۽ فلسطينين سان قومي سطح تي يڪجهت?? جي اظهار جو فيصلو ڪ??و ويو. ملاقات ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم فلسطينين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ فلسطيني ڀينرن ڀ??ئر?? جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪ??و ويو. ملاقات ۾ 7 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀ??ئر?? جي لاءِ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪ??و ويو. ان موقعي تي فلسطين يڪجهتي ڏهاڙي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل هوندا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي سڄي پاڪستان ۾ فلسطيني ڀينرن ڀ??ئر?? سان يڪجهتي ۽ انهن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ جي لاءِ ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري فلسطين ۽ غزه ۾ جاري معصوم مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان يڪجهتي ڏهاڙي تي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ جماعت اسلام?? جي غزه ۽ فلسطين ۾ جاري معصوم مسلمان ڀينرن ڀ??ئر?? جي حق ۾ يڪجهت?? جي موقف کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ جماعت اسلام?? جي امير ۽ وفد وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ۾ فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جي واڪ آئوٽ کي ساراهيو.