اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? بزرگ شهرين کي پنهنجو تجربو ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي منتقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان بزرگ ماڻهن جي لاءِ نگهداشت ۽ سار??نڀ??ل جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بزرگ شهري نه رڳو اسان جي معاشري جو بنياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ تجربي جو خزانو به آهن، اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي والدين ۽ بزرگن سا?? محبت ۽ شفقت سا?? پيش اچڻ جو درس ڏي ٿو. صدر چيو ته اسان جا والدين ۽ بزرگ ٻارن جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ وسيلن جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اسان جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ته اسان انهن سا?? عزت ۽ وقار سا?? پيش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو خيال رکون. صدر چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين رياست تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهرين جي لاءِ زن??گي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري مستقل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان بزرگ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئن جيئن ماڻهن جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سار??نڀ??ل جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ اسان ج?? بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سا?? گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي بهتر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ بهتر بڻائين، بزرگن جي حقن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.