نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته وزيراعظم پوري دنيا آڏو ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس پيش ڪيو، وزيراعظم ڀا??تي جارحيت تي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو پيغام ڏئي قوم جي ترجماني ??ئي، اوورسيز پاڪستانين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هميشه ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب دفاع وا??ي وزير خواجه محمد آصف پاڪستاني ??ميونٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات جو بندوبست قونصليٽ جنرل آف پاڪستان طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني ??ميونٽي جي ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم پوري دنيا آڏو ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس شاندار انداز ۾ پيش ڪيو، وزيراعظم ڀارت طرفان ڪنهن به جارحيت تي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو پيغام ڏئي قوم جي ترجماني ??ئي آهي. دفاع وا??ي وزير چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني ??ميونٽي سان ملاقات منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. اها صرف هڪ ملاقات ناهي پر پاڪستاني قوم جي عظمت ۽ هم آهنگي جو ثبوت آهي، اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اوهان سڀني جي پاڪستان سان محبت جو اظهار ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا جي سرزمين تي اوهان سڀني جي محنت ۽ لگن سان هڪ نئون معاشرو آباد ڪيو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، اوورسيز پاڪستاني هميشه پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اووسيز پاڪستانين پنهنجي ڪردار مان ثابت ڪيو ته پاڪستاني قوم هر مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪي معاشي ترقي ۾ اووسيز پاڪستانين جو تمام وڏو ڪردار آهي. پاڪستاني ??ميونٽي جي ڀلائي ۽ بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اووسيز پاڪستانين جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. دفاع وا??ي وزير چيو ته وزيراعظم پرڏيهي ملڪن ۾ سمورن سفارتخانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مسئ??ن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اوورسيز پاڪستانيز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.