ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراع??م چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراع??م چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گ??رنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.