اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ت?? آز??د ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آز??د ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪي??. وفد پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آز??د ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ت?? آز??د ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف مل??. پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ت?? آز??د ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? عوام سان پنهنج?? رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.