اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ، تماڪو?? کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ سميت اهم شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪوائري ڪميٽي اين??ڙ ست ڏينهن ۾ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪميٽي ڪ??رخ??نن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پڻ ڏيندي. وزيراعظم پڇيو ته ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال ڇو نه ٿي سگهيو؟، تماڪو?? کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم کي مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن چئن وڏن شعبن کانسواءِ باقي اهم شعبن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم لڳايو وڃي، ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم لاڳو ٿيڻ ۾ اين??ڙ سمورين قانوني رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، سيمنٽ جي ڪ??رخ??نن جي سمورين پروڊڪشن لائينز تي سسٽم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي خودڪار نظام ۽ ڊيجيٽل اسٽريٽجي لاڳو ڪرڻ جي ٺوس حڪمت عملي طلب ڪندي چيو ته اهڙا سمورا ڪ??رخ??نا جيڪي ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم لڳائڻ کان انڪاري هجن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، اوڳاڙين سان گڏوگڏ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم کي جعلسازي ۽ غيرمعياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ پڻ استعمال ?? آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سگريٽ جي وڪري جي خاتمي ۽ انهن کي ضبط ڪري تلف ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مافياز ملي ڀڳت سان قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. اجلاس کي کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ تماڪو جي شعبي ۾ خودڪار ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تماڪو جي 14 وڏن ڪ??رخ??نن ۾ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي جڏهن ته 12 ڪ??رخ??نن کي سسٽم نه لڳائڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي سمورين صنعتن ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ??ري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڪ??رخ??نن ۾ سسٽم هڻڻ ۾ فني رڪاوٽون درپيش آهن جن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گودامن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڏس ۾ ايف بي آر جي معاونت ڪن.