اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) سياسي اڳواڻن، دانشورن، تعليمي ماهرن، سينيئر صحافين ملڪ جي چونڊ ?? سياسي من??رنامي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي ڏس ۾ سياسي ڊائيلاگ جي شروعات ?? سياسي پارٽين جي من??ور ۾ ملڪي مسئلن ۽ عوامي مشڪلاتن ج?? ازالي جي قدمن کي ترجيح بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن ۽ درپيش قومي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائينديون جڏهن ته انٽرا پارٽي چونڊن ۾ شفافيت ۽ چونڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي نمائندن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين ڌرين پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ من??رنامو ۽ من??فاڻي نمائندگي ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان من??قد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان سلسلي ۾ من??قد ان ٻئي سيمينار کي اهم خطاب ڪندڙ جي حيثيت سان خطاب ڪيو ۽ پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ان قدم کي ساراهيو. ان موقعي تي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن چونڊ عمل ۾ خامين کي اجاگر ڪندي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي زور ڏيندي حقيقي جمهوري تبديلي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر سيد علي ظفر زوم جي ذريعي سيمينار ۾ شرڪت ڪندي چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن (اي سي پي) کي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ من??فاڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏئي ٿو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ اضافوڪيو، آئين سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏي ٿو. هن چيو ته پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن ان اهم موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو، پاڪستان جي آئين ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي وئي اهي ۽ اهي اختيار ڏنا ويا آهن ته ملڪ ۾ صفاف، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ من??فاڻيون چونڊون من??قد ڪرايون وڃن. هي منفرد قسم جو آئين آهي جيڪو پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڏئي ٿو. بيريسٽر علي ظفر شهري آبادي وڌڻ ۽ وڏي پئماني تي ڳوٺاڻي علائقن مان لڏپلاڻ سان واڳيل جمهوري مسئلن تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته اسان زرعي شعبي مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان من??ور ۾ قدم شامل ڪيا آهن پر ان عمل کي مڪمل روڪي نه ٿو سگهجي. جماعت اسلامي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر چيو ته ماضي ۾ عوام جي هڪ وڏي اڪثريت ووٽ وجهڻ کان پري رهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ وڌ کان وڌ هجي. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي نتظيم ۾ عورتن جو رڪارڊ انگ مختلف سطحن تي شامل رهيو آهي ۽ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن ٽڪيٽ حاصل ڪيون. هن تجويز ڏني ته جيڪو شخص جائيداد ۾ عورتن کي حصو نه ٿو ڏي ان کي چونڊ عمل ۾ نااهل قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن کانسواءِ جمهوريت وڌي نه ٿي سگهي ۽ ملڪي سياست مان پئسي جي اثر رسوخ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن متناسب نمائندگي جي بنياد تي چونڊن جي تجويز پڻ ڏني ۽ چيو ته جماعت اسلامي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوجوان اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، اسان جي پارٽي مختلف فلاحي پروگرامن جي ذريعي وڏي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ پارلياماني نظام جا پرزور حامي آهيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي ليڊر جو ڪردار بي داڳ هجڻ گهرجي. موضوع جي من??سبت سان مباحثي ۾ شرڪت ڪندي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اسد منير پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته حالتون ترتيبوار بهتر ٿينديون ?? سياسي پارٽيون جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي قيادت چونڊينديون. قائداعظم يونيورسٽي مان ڊاڪٽر محمد مجيب افضال پاڪستان جي چونڊ عمل جي ڪمزورين تي روشني وڌي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ اشرافيه جي اڪثريت ڏٺي وڃي ٿي، سياسي پارٽين ۾ سمورن طبقن خاص طور تي ڪمزور طبقن کي من??سب نمائندگي پڻ حاصل ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل جمهوريت جي استحڪام ۾ ميديا جي ڪردار تي زور ڏيندي ملڪ جي ادارن جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان نسل ملڪ کي بحران مان ڪڍندي. هن سياسي پارٽين جي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي من??ور تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. وڌيڪ اهو ته هن بنيادي قومي مسئلن تي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ شهرين جي وڌ کان وڌ شموليت ۽ چونڊ عمل بابت من??سب آگاهي جي لاءِ من??قد ڪيل چار سيمينارز مان هي ٻيو سيمينار هو. سيمينارز ۾ وڏين سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. ٽيون سيمينار چونڊ ضابطه اخلاق: ميڊيا سميت ڌرين جي اخلاقي طرز عمل تي ڌيان ڏيندي 25 جنوري تي من??قد ٿيندو جڏهن ته نوجوانن، عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ثقافتي اقليتن جي سياسي شرڪت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عنوان سان چوٿون ۽ آخري سيمينار پهرين فيبروري تي من??قد ڪيو ڪيو ويندو.