اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻار ڪنهن به قوم جو سڀني کان وڏو قيمتي سرمايو ۽ ان جي مستقبل جي واحد ضمانت آهن، پاڪستان پنهنجي ٻارن بابت پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح واقف آهي ۽ پاڪستان جي آئين ۽ گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن بابت ٻارن جي جامع ترقي، ڄم جي داخلا، تعليم، صحت، شرڪت، وقار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪري رهيو آهي، سماجي انصاف ۽ برابري ئي اهي بنياد آهن جن تي هڪ صحتمند معاشري جو ڍانچو قائم ??رڻ گهرجي، ان جي لاءِ ??سا?? کي معاشرتي سطح تي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي، ڪميونٽيز ۽ خاندانن کي ??سا?? جي قوم جي مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻارن جي عالمي ڏينهن تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ”هر ٻار جي لاءِ هر حق“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن ??سا?? ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن سميت انساني حقن جي 7 بنيادي ڪنوينشنز تي صحيحون ڪري چڪو آهي. پاڪستان ٻارن جي خريد ۽ وڪري، جسم فروشي، پورنوگرافي ۽ جنگين ۾ ٻارن جي شموليت بابت اختياري پروٽوڪول جي به توثيق ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪندڙ طور ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پهرين صف ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻار ذهني ۽ جسماني واڌويجهه ۾ گهٽتائي، خوراڪ جي کوٽ ۽ معياري تعليم ۽ صحت جي سهول??ن تائين عدم پهچ جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن جو شڪار آهي، ان کانسواءِ هن ٻارن جي اسمگلنگ، شادي، ??ائ??لڊ ليبر، جسماني سزا، بدسلوڪي، قانون کان مٿانهون ۽ نقصان ڏيندڙ سماجي روايتن جهڙي تحفظ جا مختلف چئلينجز به درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان آءِ سي ٽي ??ائ??لڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2018ع جو وي??ائ?? جسٽس سسٽم ايڪٽ 2018ع، زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع ۽ ٻارن جي ملازمت جي ايڪٽ 1991ع ۾ پيشن جي فهرست ۾ ”??ائ??لڊ ڊوميسٽڪ ليبر“ ک?? شامل ??رڻ سميت مختلف قانون ٺاهيا آهن. اهڙي طرح ٻارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ٻارن جي حقن تي قومي ڪميشن، آءِ سي ٽي ??ائ??لڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ، زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي (زارا) ۽ آءِ سي ٽي ??ائ??لڊ پروٽيڪشن ايڊوائيزري بورڊ به قائم ڪيا آهن ته جيئن ٻارن کي انهن جي حقن ۽ ڪارساز ماحول فراهم ڪيو وڃي. صدر چيو ته قومي ۽ عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ پاڪستان ٻارن تي سيڙپڪاري جي واضح ويزن رکندڙ آهي. ??سا?? اهو سمجهون ٿا ته سماجي انصاف ۽ برابري ئي اهي بنياد آهن جنهن تي هڪ صحتمند معاشري جو ڍانچو قائم ??رڻ گهرجي. ان جي لاءِ ??سا?? کي معاشرتي سطح تي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي. ڪميونٽيز ۽ خاندانن کي ??سا?? جي قوم جي مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ??سا?? جو مذهب اسلام ٻارن جي ڀلائي ۽ بهتر تعليم ۽ تربيت جي مدد سان انهن جي ڪردارسازي جي لاءِ والدين تي ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته حضور ﷺ ٻارن سان محبت ڪندا هئا ۽ انهن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ شفيق ۽ خيال رکندڙ هئا. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون لاڳاپيل سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن، ميڊيا، گڏيل قومن جي ادارن، ڪميونٽي، والدين، استادن، عالم سڳورن ۽ پاڻ ٻارن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي سڀ گڏ ٿين ۽ ٻارن جي زندگي ۾ بهتري لاءِ قومي ڪوششن ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن.