تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون ?سرائیلی_جارحیت/135980.html">?ي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي ?سرائیلی_جارحیت/135980.html">?ي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلس?? بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا ?سرائیلی_جارحیت/135980.html">?ي اضافي جي خلاف سرائیلی_جارحیت/135815.html">سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.