اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻ??رف?? سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاو?? کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپ?? کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻ??رف?? واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري ب?? ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلم?? کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻ??رف?? لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته روانڊا پاڪستا?? کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاو?? کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر صدر کي ٻڌايو ته روانڊا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.