مظفر آباد – 24 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ??شم??ر قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر چيو آهي ته ??شم??ر مسئلي جي باوقار پائيدار حل جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر سيڪيورٽي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن موجب ڏيڍ ڪروڙ ??شم??ري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ڏنو ويو ته ٻنهي ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي جنهن سان عالمي امن تباهه ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪورٽ گرائونڊ ۾ 76 هين يوم تاسيس جي سالياني قومي ميڙ ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري لطيف اڪبر چيو ته ڊيڊ لاڪ امن ڳالهين ۾ سالن کان تعطل سبب پيدا ٿيندڙ اشتعال انگيز صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انٽرا ??شم??ر ڪانفرنس ??نعقد ڪرڻ لازمي ٿي چڪو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنياد پرست پاليسين ڀارت جي پنهنجي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪڏهن به ٻطرفيون ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون جيستائين ٽئين ڌر کي شامل نه ڪيو ويو هجي ان لاءِ ??شم??ر مسئلي جو پرامن حل ٽه ڌريي ڳالهين ۾ ممڪن آهي ڇو ته اصل ڌر به ??شم??ري عوام آهي ۽ ٽن نسلن کان قربانين جو تسلسل به انهن ئي جاري رکيو آهي، ??شم??ر مسئلي تي وفاقي حڪومت ٻنهي طرفن جي ??شم??ري قيادت کي اعتمادسازي جي عمل ۾ شامل ڪري نئين سر ??شم??ر پاليسي تي ڌيان ڏي، تاريخ ??شم??ر جي پس منظر پيش منظر ۽ آئيني قانوني رخن تي پڪڙ رکڻ واري شخصيتن جا وفد ٻاهرئين ملڪ موڪليا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي انساني ۽ شهري حقن کي پٺتي وجهي ظلم ۽ ڏاڍ جو دور مڙهيو ويو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ??شم??ر تي جارحيت جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ لڳل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر چيو ته پاڪستان هن وقت پاڻ معاشي اقتصادي مشڪلاتن ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن ??شم??ري عوام جي خودمختياري جي حق جو هر رخ سان تحفظ ڪيو. بهادر پاڪ فوج ٽي جنگيون وڙهندي ايمان جي قوت ۽ قومي غيرت بهادري جرئتمنداڻي تاريخ لکي. هن ??شم??ر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته گهاٽي واڌي ٿي سگهي ٿي پر ان آزادي جي مقدس مشن کي منطقي انجام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.