اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آگاهي پيدا ??رڻ ۾ توهان جو تعاون خاطرخواهه اثر وجهي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪر?? هر سال 40 هزار فوتگيون ٿين ٿيون، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪر?? موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن ??يو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي دير سان تشخيص هجڻ آهي، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سان ڪيتريون ئي جانيون بچائي سگهجن ٿيون، آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ??رڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو، هن مهيني بريسٽ ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪر?? اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? سگهون ٿا.