اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار عل??ئقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽ??ان?? هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽ??ان?? هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ عل??ئقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون ک?? گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن س??ل جي فورم جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽ??ان?? هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي عل??ئقائي شخصيتن س??ن پڻ ملاقاتون ڪندو.