هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدا??ن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدا??ن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگران وزيراعظم کي هنزه ۾ بجلي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب جي حساب سان گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلي جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدا??ن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياسي قيادت نگران وزيراعظم کي ??ياحت جي شعبي کي ??رپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کان گلگت بلتستان جي مختلف ح??ن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدا??ن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگران وزيراعظم کان گلگت بلتستان ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ منعقد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي ??لد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا ??سي??ا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گلگت بلتستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ??اراهيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ گلگت کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.