اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي ??فص??لي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ??فص??لي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ ??اڪ??تان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.