اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سف??رن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائن جي نامزد سف??ر ماريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فلپائن سان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سف??ر ڊا??ٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جي??ز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآ??د لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪستان جي لاءِ نامزد سف??رن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سف??ر ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.