اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اڱاري ڏينهن سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن ا??ان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن ا??ان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ موجود محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. ڪو به اسرندڙ ملڪ آبادي ۽ وسيلن جي توازن کانسواءِ پنهنج?? ترقي جا هدف پورا نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به ملڪ چاهي ڪيترو به وسيلن کان مالامال ڇو نه هجي، آبادي ۾ تيزي سان ا??افو ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. هن سال آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”صنفي برابري جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ“ آهي. اچو هن ڏينهن ا??ان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ جي عورتن ۽ مردن جي و?? ۾ ??رابري سان انهن جي صلاحيتن جي ڀرپور استعمال سان ملڪ?? ترقي جا هدف پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻون. پاڪستان جي باصلاحيت عورتن جي قومي ڌارا ۾ شموليت اسان جي ملڪ?? ترقي ۽ افرادي قوت جي سگهه وڌائڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي. صنفي برابري رڳو انساني حقن جو مسئلو نه آهي پر اهو معاشي ضرورت به آهي. پاڪستان جي معاش?? ترقي آبادي جي و?? ۾ ??رابري کانسواءِ ممڪن نه آهي. موسمياتي تبديلي، عالمي سطح تي تڪرارن ۽ ٻاڙائي جي ڪري اٽڪل سمورا ملڪ پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن. صنفي اڻبرابري جي ڪري ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ اڃا به مشڪل ٿي وڃي ٿو. آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڀني ڌرين کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي سان انهن جي سگهه ۾ اضافو ڪن. منهنجي نظر ۾ ترقي جو صحيح نظريو ماڻهن جي ڀلائي تي ٻڌل آهي، اسان کي ان حوالي سان ماڻهن ۽ پاليسي سازن جي و?? ۾ ??ابطن کي وڌائڻو پوندو.