اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آه?? ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽ?? پرينيورشپ ۽ انوو??شن کي فروغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوو??شن ايو??رڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايو??رڊ ڏنو ويو، جيڪ?? پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آه?? ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽ?? پرينيورشپ ۽ انوو??شن کي فروغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پنهنجي باصلاحيت نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيت تي پڪو اعتماد آه?? ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.