اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ??ن موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. ه?? چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن ??ي خصوصي اهميت ڏي ٿو?? ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان ر??بط?? تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن ??ي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ه?? چيو ته نامزد سفير ٻطرفن ر??بط?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.