اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي عالمي ??ءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻيندڙ ٿرپا??ڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ ک?? مبارڪباد ڏن?? آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ڪري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ترين آسان ترين ۽ مختصر ترين رستو آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوانن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏن?? وڃي ته هو ڪمال ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ۽ پنهنجي نوجوانن جي فڪري ترقي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!