اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاره ڪهو باءِ پاس فلائي ا??ور جي تعمير دوران حادثي جو سخت نوٽيس وٺندي ا??ڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خميس ڏينهن پيش ايندڙ حادثي جي انڪوائري جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي ا?? حادثي جو هر رخ کان جائزو وٺندي. ڪميٽي کي هنگامي بنيادن تي ا??ڪوائري رپورٽ جوڙي وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته بهاره ڪهو منصوبي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي قابل قبول نه هوندي.