اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڪيل تحفظ ايڪٽ جي منظوري ??ي اجازت ڏيندي خاطري ڪرائي آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان وڪيل برادري سان ڀرپور مشاورت ڪئي ويندي، بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي اپيل جي حق جي مطالبي تي بل جو مسودو آڻي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي حق اپيل جو بل پارليامينٽ ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز جي نئين چونڊيل اعليٰ عهديدارن جي وفد جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. اجلاس ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪب??د ڏني. هن چيو ته وڪيلن ملڪ ۾ قانون جي بالاد??تي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، آئين ۽ قانون جي بالاد??تي جي لاءِ وڪيل برادري جي بي شمار قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، حڪومت بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت ملڪ جي هر شعبي کي پنهنجي نااهلي سان نقصان پهچايو، گذريل حڪومت ۾ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزيون عروج تي پهتيون. وزيراعظم وڪيل برادري جي جدوجهد کي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالاد??تي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي انهن جي قربانين کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته وڪيل برادري ملڪ ۾ آئين ج?? تحفظ ۽ قانون جي بالاد??تي جي لاءِ سائين هر اول د??تي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن گذريل حڪومت جي هر غيرآئيني قدم جي خلاف موثر طريقي سان آواز اٿاريو جنهن تي اهي داد جا مستحق آهن. وفد وزيراعظم کي پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل ۽ صوبن جي بار ڪائونسلز جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزراعظم وفد کي انهن جي سمورن جائز مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، خاص مددگارن ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي.