ڪراچي – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا هن وقت مفادن تي ٻڌل تعاون بدران اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ڳولا ۾ آهي، سرحدون هاڻي غيرلاڳاپيل ٿي چڪيون آهن ڇو ته چئلينجز سرحدن جي پار ٿيڻ وارا آهن ان لاءِ ان موجب طريقيڪار پڻ اختيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي گورنر هائوس ۾ وفاقي اردو يو??يو??سٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي عالمي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ پهرين پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊڪٽر عارف علوي گلوبل وارمنگ جي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر پڻ سرحد پار آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده دور ۾ تعاون جو دارومدار ويزا جهڙي سفري دستاويزن تي نه آهي ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو هڪ ملڪ ۾ رهن ٿا جڏهن ته ٻئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. هن تقريب منعقد ڪرڻ تي اردو يو??يو??سٽي کي ساراهيندي چيو ته ڪانفرنس جو موضوع ”پاڪستان – پولينڊ لاڳاپا، بدلجندڙ عالمي نظام ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ پڻ تمام اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي بابت ??الهائيندي هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ثابت ??ري ڇڏيو آهي ته ڪا به ننڍي ڪمپني به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي وار?? خطاب ۾ پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائيندي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اصغر علي دشتي چيو ته هي ڪانفرنس 6، 7 ڊسمبر تي آءِ بي اي سٽي ڪئمپس ڪراچي ۾ منعقد ٿي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو اهتمام اردو يو??يو??سٽي جي عالمي لاڳاپن ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنسي يو??يو??سٽي آف مازوري ۽ وارميا پولينڊ گ??يل طور تي ڪيو آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد تعليمي ماهرن، پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن کي ٻنهي رياستن جي وچ ۾ اڀرندڙ شعبن تي هڪ جهڙن خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي پهرين ڪانفرنس آهي جيڪا پولش يو??يو??سٽي سان گڏ گذريل سال وفاقي اردو يو??يو??سٽي ۽ يو??يو??سٽي آف وارميا ۽ مازوري پولينڊ جي وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي ياداشت تحت منعقد ڪئي پئي وڃي. پنهنج?? خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنس، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، يو??يو??سٽي آف وارميا ۽ مازوري جي ڊائريڪٽر پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته اسان جو عملو عالمي سطح تي تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ اسان مختلف شعبن ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اردو يو??يو??سٽي ۽ يو??يو??سٽي آف وارميا اينڊ مازوري – پولينڊ گذريل سال گ??يل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته هو ڪانفرنس جي موضوع کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ تمام گهڻو پراميد آهي ته هي تقريب تمام گهڻي ڪامياب ٿيندي. اهڙي قسم جي ڪانفرنس سائنسي سفارتڪاري سان ملي جلي ٿي. اردو يو??يو??سٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پهرين پاڪستاني – پولينڊ عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اردو يو??يو??سٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي فيڪلٽي ميمبرن هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. پولينڊ جي مارڪيٽن کي مستحڪم قرار ڏيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پاڪستاني واپاري برادري پاران پولينڊ جي مارڪيٽ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت ي زور ڏنو. هن چيو ته پولينڊ يورپ جو چوٿون وڏو ملڪ آهي جيڪو هڪ اهم جاگرافيائي جڳهه تي آهي ۽ ان کي يورپ جو گيٽ وي پڻ سمجهيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ اقصادي لاڳاپن ۾ هڪ اڳڀرائي ثابت ٿيندي. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي ڪراچي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي ڪراچي پڻ اردو يو??يو??سٽي وانگر هڪ پبلڪ سيڪٽر يو??يو??سٽي آهي ۽ اسان سدائين تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي لاءِ ٻين ادارن سان تعاون ڪريون ٿا. اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اسان کي سمورين يو??يو??سٽين سان شيئر ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن يو??يو??سٽي آف وارميا اينڊ مازوري پولينڊ جي عهديدارن کي پڻ آءِ بي اي ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.