برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس جرمن پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪافي مثبت رهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال، ماحولياتي پاڻڀرائپ ۾ تعاون، ماهر افرادي قوت جي مٽاسٽا ۽ تربيت، ماحول دوست توانائي ۽ اقتصادي تعاون جي فرو?? بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته اسان خصوصي طور تي جرمن حڪومت جي فراهم ڪيل امداد جا ٿورائتا آهيون خاص طور تي اڄ جي 10 ملين يورو جي ا??اف?? امداد سان جرمني پاران ڏ??ي ويندڙ مجموعي امداد 60 ملين يورو تائين پهچي وئي آهي.