گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??لاقات ۾ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم شهباز شريف جي گوادر جي هڪ ئي مهيني ۾ ٻئي د??ري ۽ گوادر جي ترقي کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال 5 ضر??ري شين تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو انگ وڌائڻ جي هدايت جي آجيان ڪئي.