اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي ه??اي?? ڪئي ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ا??ائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آ??ي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ا??ا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ا??ائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪا??وب??ر ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس مان پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي ا??ل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آ??ي، بيواهه کي صرف مڙس جي ا??ا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي ا??ولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي ا??تحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آ??ي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري ا??تحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آ??ي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي ه??اي?? ڪئي ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.