اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ميٽرو بس سروس جي افتتاح کانپوءِ پشاور موڙ کان ??يئ??پورت تائين ميٽرو ??س ۾ سفر ڪيو. ان موقعي تي ترڪ سفير احسان مصطفيٰ، چين جي ناظم الامور کانسواءِ م??لم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، شڪيل اعواڻ، ملڪ ابرار احمد، انجم عقيل خان، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ سي ڊي اي، اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم مختلف ميٽرو اسٽيشنن ۽ روٽ جو جائزو ورتو ۽ مس??فرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون.