اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان همدردي آه??، ??يءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن سان نفرت ڪري ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آه?? پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز ??لاهي سان نه ٺهي رهي آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آه??، ??ڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آه??، ??اڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي ويندي.