اسلام آب??د ?? 22 – مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيه?? وزير وانگ زي چيو آهي ته چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خاص مهمان طو?? خطاب ڪندي چئي. چيني پرڏيه?? وزير چيو ته چين ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت مسلمان دنيا جي امنگن ۾ شريڪ آهي. هن افغانستان ۾ امن ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ چين جي خواهش کي پڻ ورجايو. چيني پرڏيه?? وزير چيو ته سندس ملڪ مسلمان دنيا ۾ 600 منصوبن ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين اسلامي دنيا کي ويڪسين جي 300 ملين خوراڪون فراهم ڪندو.