اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چ??و آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن موجب ڪشمي?? مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائون??ل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائون??ل جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ڪشمي?? مسئلي جو سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو?? ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي آهي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت آهي.