اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عمران خان بليڪ ميل نه ٿيندو، من??ن موڙيندڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، ??عا??ر?? جي اندر ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ڏيڻو پوندو، من??ن موڙيندڙ ميمبر واپس پ??هنجي گهر اچي وڃن، فرخ حبيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر کان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان وٽ ڪيترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.