راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل مي??ر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ مي??ن چ??و جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ مي??ر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ مي??ن چ??و جي ويجهو ڪري پئي. هن چ??و ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان ن?? ٿيو. مي??ر جنرل بابر افتخار چيو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چ??و ته پاڪستان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چ??هيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿ??ند?? ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چ??و ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.