اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ شهادت ماڻيندڙ 10 جوانن ۾ شامل ٻن جوانن جو تعلق جهلم سان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهلم جا قبرساتن انهن شهيدن جي رت جي خوشبوءَ سان مهڪن ٿا ?? جيڪو قرض اسان جي ساهن تي هو، اهو قرض اسان موٽائي ڏنو آهي. هن شهيد جوا??ن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذر??ل ڏينهن بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ انهن ٻن جوانن جون تصويرو?? به شيئر ڪيون.