اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته مريم صفدر توهان ئي چيو هو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي، پوءِ مريم صفدر 4 فليٽس جي مالڪ بڻجي وئي آهي؟ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪي پاڪستان جي غريب عوام جو پئسو ڦري لنڊن ۾ محل ٺاهيا ان جو جواب اڄ تائين عدالتن ۾ ناهي مليو. فرخ ح??يب چيو ته توهان رسيدن جي جڳهه قطري خط جو ڪوڙ ڳالهايو ۽ جعلي ڪيلبري فون?? ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي.