اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب بطور چيئر افغانستان جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پا??ستان ان جي آجيان ڪندي سيشن جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي جي اظهار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو افغانستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پا??ستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ??فغانستان سان عالمي برادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي ميزباني افغان عوام جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پا??ستان جي مستقل ع??م ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.